SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Amnesty International

(click word to listen sound
  • 🔊
  • amnesty
  • international
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Amnesty International

ايمنيسٽي انٽرنيشنل

ايمنيسٽي انٽرنيشنل

انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ هن بين الاقوامي تنظيم جي شروعات ننڍن ننڍن احتجاجي جلسن سان ٿي، پر پوءِ ان باقاعده اداري جي صورت اختيار ڪئي. مئي 1961ع ۾ جڏهن Peter Benion جو مضمون ”The Forgotten Prisoners“ برطانيه جي اخبار ”Sunday Observer“ ۾ ڇپيو، ته بيگناهه قيدين جي داد رسيءَ لاءِ هڪ نئون دروازو کليو.`ايمنيسٽي انٽرنيشنل‘ به انهن بيگناهه قيدين جي آزاديءَ لاءِ ڪوششون وٺڻ شروع ڪيون، جيڪي پنهنجي مخصوص سياسي يا مذهبي عقيدن جي ڪري قيد ٿيل هئا. ’ايمنيسٽي‘ ٽن اصولن تحت ڪم ڪري ٿي: هڪ؛ بيگناهه قيدين جي رهائي، ٻيو؛ قيدين کي اذيتون ڏيڻ (سزاءِ موت) جو خاتمو، ۽ ٽيون؛ انصاف جي بنيادن تي سياسي قيدين جا عدالتن ۾ ڪيس هلرائڻ. ايمنسٽيءَ جو هيڊڪوارٽر لنڊن (برطانيه) ۾ آهي ۽ لڳ ڀڳ 150 ملڪن ۾ سندس 10 لک ميمبر آهن. ايمنسٽي کي 1977ع ۾ خدمتن ۽”ايذاءَ جي خلاف“ پتوڙڻ عيوض امن جو نوبيل انعام ۽ 1978ع ۾ گڏيل قومن جي ”انساني حقن“ جو انعام مليو هيءُ دنيا ۾ انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ 500 تنظيمن مان سڀ کان نامياري تنظيم آهي ۽ اڄ اها انساني حقن جي لتاڙ روڪڻ لاءِ عالمي سطح تي ساراهه جوڳو ڪم ڪري رهي آهي.


From Dictionary of Political Terms


Amnesty International

بين الاقوامي معافي ادارو

برطانيا جي قانوندان پيٽربينس هن اداري جو بنياد 1961ع تي لنڊن ۾ وڌو. هي انساني حقن جي غير سرڪاري تنظيم آهي، جيڪا ضمير جي قيدين جي آزادي، سياسي قيدين جي منصفاڻي ۽ تڪڙي پيشي، عدالت کان ٻاهر قتل کي روڪڻ ۽ موت جي سزا وغيره کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي ٿي. دنيا ۾ انساني حقن بابت هي تنظيم هر سال رپورٽ جاري ڪري ٿي.


Remember Me Also:

پابندي

ث. [ف. پا + بندي] ٻڌل رهڻ جي حالت. بندش. فرمانبرداري ، اطاعت. ٻانهپ ، غُلامِي. نوڪري. مجبوري ، لاچاري.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal